سنڌ

معاشي تباهي جون ذميوار سياسي ۽ مذهبي ڌريون آهن:رياض چانڊيو

جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد قيوم منگي جي 24 هين ورسي سنڌ هائوس شڪارپور ۾ وڏي عقيدت احترام سان ملهائي وئي. ورسي کي جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي تباهي جا ذميوار پيپلزپارٽي، مسلم ليگ، مذهبي ڌريون ۽ ملڪ جي اقتدار تي قابض قوتون آهن، جن هميشه اقتدار تي پنهنجو مستقل قبضو برقرار رکڻ لا بدڪردار ڪرپٽ ۽ ڏوهارين کي پاڻ سان ملائي عوام کي جهموري آزادي، وفاقیي نظام ۽ معاشي ترقي کان محروم رکيو آهي، هتي احتساب ۽ انصاف رڳو نعريبازي آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ بااختيار هجي ها ۽ قومن جي وجود ۽ وسيلن جو احترام ڪجي ها ته اڄ سنڌ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي نه گذاري ها، اسان جا حقيقیي ترقیي جا رستا روڪي ٻن ويلن جي ماني جو محتاج بڻايو ويو آهي، هڪ منظم رٿا تحت 15 سالن تائين زرداري کي سنڌ مٿان مسلط ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جو ڍونگ رچائي عوام کي ڌوڪو ڏئي سڄو دريا پنجاب حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو 91ع پاڻي ٺاهه جي توهين ڪري ماحولياتي ۽ معاشي طور تباهه ڪيو ويو آهي، قانوندان ۽ ڌرتي ڌڻين کي اپيل ڪريان ٿو ته اچو سنڌو دريا تي قبضي، پاڻي کوٽ، غربت مهانگائي ۽ وسيلن جي لٽمار خلاف 3 جولائي تي بقا خاطر حيدرآباد ۾گڏ ٿي نيشنل ها وي تي ڌرڻو هڻي پنجاب جي رستا روڪ ڪريون. ورسي کي پنهل جمالي، عمران منگي، ريحان ڪاغذي، نصير منگي، سميع بلاولي، زبير سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button