مڪاني کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت آر ٽي ايس سسٽم تحت قائم ٿي ۽ هو ٻيهر انهي ساڳي سسٽم تحت اچڻ چاهي ٿو جيڪا ڪڏهن به ٻيهر نه ايندي، ان مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اي وي ايم سسٽم ختم ٿي چڪو آهي ۽ اهو اسان جي ملڪ ۾ لاڳو نٿو ٿي سگهي، ان لاءِ سڀني پارٽين جي راءِ ضروري آهي. ڪمشنر آفيس ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت هڪ آرڊيننس آڻي ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان ان کي تسليم نه ٿا ڪريون ڇو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ان سسٽم تي اعتراض پڻ ڪيا آهن ان سسٽم کي تسليم نه ڪيو آهي ۽ ان کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ان لاءِ مان چوان ٿو تاريخي طور تي هي ٻيهر ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ايندا. هن چيو ته تمام نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون. هن چيو ته اسان وٽ جيڪو گند ڪچري جو اشو آهي ان کي شهر کان ٻاهرين علائقن ۾ شفٽ ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ ٽينڊر ٿي چڪو آهي جيڪو ٺيڪو ميرٽ جي بنياد تي چائنا جي ڪمپني کي ڏنو ويو آهي جيڪي جلد ڪم شروع ڪندا جنهن کي سالڊ ويسٽ موومينٽ تحت ڪراچي، حيدرآباد، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪيو ويندو. صوبائي وزير گڏجاڻي کي ٻڌايو ته شهر خاموش (قبرستان) جون اسڪيمون آڻي رهيا آهيون ان لاءِ جلد لاڙڪاڻي کي زمين ڏني ويندي. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته هو هلندڙ ترقياتي اسڪيمن کي مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪن ته جيئن اهي عوام لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿي سگهن ۽ انهي سان گڏ نيون اسڪيمون ٺاهيون وڃن. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته 40 اسڪيمون هلندڙ آهن جن مان اٽڪل 20 اسڪيمون هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيون وينديون. صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته هو گندي پاڻي جي تلائن لاءِ گهربل زمين بابت هڪ هفتي ۾ ٻڌائين ته جيئن کين اها زمين ڏئي سگهجي. صوبائي وزير چيو ته سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ شروع ۾ ڪراچي، حيدرآباد، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪيو پيو وڃي جن جو اسٽاف گهر گهر وڃي ڪچرو کڻندو ته جيئن شهرن کي صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻائي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close