سنڌ

باهو کوسي ۾ معذور جو ويڳي ڀائرن خلاف احتجاج

باهو کوسو ويجهو ملڪيت مان حصو گهرڻ تي ويڳي ڀائرن پاران تشدد خلاف معذور ساٿي لاشاري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي معذور ساٿي لاشاري دانهيندي چيو ته منهنجا ڀائر پيسي وارا آهن، آئون غريب ۽ بي سهارا آهيان، منهنجي ويڳي ڀائرن خليفو لاشاري، حفيظ الله، فاروق، گلاب، منظور، لائق لاشاري مونکي گهرواري ۽ ٻارڙن سميت تشدد ڪري ملڪيت ۽ گهران ڪڍي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، ويڳا ڀائر مونکي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. باهو کوسو پوليس به منهنجي فرياد وٺڻ بدران واپس موٽائي ڇڏيو آهي. هن ايس ايس پي جيڪب آباد سميت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته مونکي پنهنجو حق ڏياري تشدد ڪندڙ ڀائرن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button