سنڌ

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ فزيو ٿراپي شعبو قائم

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انيلا عطا الرحمٰن چانڊڪا ڪاليج جي مُک گيٽ وٽ جديد طرز تي انسٽيٽيوٽ آف فزيو ٿراپي اينڊ ريهبليٽيشن سائنسز جو شعبو قائم ڪيو ويو، جنهن جو سربراهه فزيو ٿراپسٽ پروفيسر مڪيش ڪمار کي مقرر ڪيو ويو آهي. شعبي ۾ ڄائي ڄم کان ذهني معذور ٻارن، عورتن ۽ مردن جي روزانو جي بنياد تي فزيو ٿراپي ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار چيو ته فزيوٿراپي بابت جلد آگاهي مهم هلائي ورڪشاپ ڪرايا ويندا. فزيو ٿراپي سان گڏ قيمتي دوائن کان ڇوٽڪارو ۽ دماغ توڙي هڏن جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مريضن کي فزيو ٿراپي لاءِ اماڻين پيا، فزيوٿراپي علاج جو موثر طريقو آهي ۽ معاشري ۾ فزيو ٿراپي جو پنهنجو الڳ درجو آهي. هن چيو ته اسان وٽ جديد مشينون موجود آهن جيڪي فالج، چيلهه جي سور، گوڏن جي سور، ذهني معذور ٻارن جو فزيو ٿراپي ذريعي معياري علاج ڪيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button