سنڌ

ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 11 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي جي شهرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ٿي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي في يونٽ 11 رپيا مهانگو ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي توثيق ٿيل ملٽي ايئر ٽيرف مطابق مئي 2022ع جي لاءِ فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 11 رپيا 33 پئسا اضافي جي درخواست ڪئي آهي. پوري ملڪ ۾ لاڳو ٽيرف طريقيڪار موجب ايف سي اي جو هر مهيني جائزو وٺڻ بعد اهو اضافو صارفين جي بلن تي رڳو هڪ مهيني جي لاءِ ڪيو ويندو. ذريعن موجب مئي 2022ع ۾ سي پي پي اي جي کان خريد ڪيل بجلي جي قيمت ۾ 53 سيڪڙو اضافو ٿيو، نيپرا رول مطابق ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 4 جولاءِ تي شنوائي ڪندي، نيپرا جي منظوري بعد قيمتن ۾ اضافو صارفين کان اوڳاڙيو ويندو، جنهن سان صارفين کان 22 ارب رپيا اوڳاڙيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button