سنڌ

ٺاروشاهه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهري عذاب ۾ ورتل، احتجاج

ٺاروشاھه ۾ لوڊشيڊنگ جو جن بوتل ۾ بند نه ٿي سگهيو، ايس ڊي او سيپڪو پنهنجي هوڏ تي قائم، شھري گرمي ۾ تڙپڻ لڳا، احتجاج خبرموجب ٺاروشاهھ شھر ۾ لوڊشيڊنگ جو جن بوتل ۾ بند نه ٿي سگهيو، جڏهن ته شهرين مير قادر راڄپر، رضا چنہ، احمددين عباسي، فيروزگل ۽ ٻين پريس ڪلب ٺاروشاھه اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته شھري گرمي ۾ تڙپي رهيا آھن، سيپڪو عملي جي ڪن تي جون به نه پئي چري، ايل ايس ۽ ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن ٺاروشاهه شھر ۾ ناجائز ۽ غيرقانوني ڪنيڪشن بااثرن کي ڏئي ڇڏيا آھن، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي. هنن چيو ته سيپڪو سب ڊويزن ٺاروشاھه جي ڪرپٽ عملدارن پاران ڏنل غيرقانوني ڪنيڪشنن ۽ ڪنڊين جو بل غريب صارفين کان ورتو پيو وڃي، آواز اٿاريندڙن جا ڪنيڪشن ڪاٽي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو سراسر ظلم آھي. هنن چيو ته ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن ٺاروشاھه عبدالرحيم ڦلپوٽو ۽ ايل ايس هاشم سمون پنهنجي هوڏ تي قائم ٿي وزيراعظم جا لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ وارا حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيا. هنن گهر ڪئي تہ ايس ڊي او عبدالرحيم ڦلپوٽو ۽ ايل ايس هاشم سمون کي هٽائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button