سنڌ

سنڌ ۽ وفاق ۾ ڪي سي آر سميت ميگا پراجيڪٽس شروع ڪرڻ تي اتفاق

سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) سميت قومي مفاد خاطر ميگا پراجيڪٽس شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ سمورين خامين کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي مٿانهين علائقن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ وڇائڻ، مختلف ايئرپورٽس کي آپريشنل ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومت ۽ سول اٿارٽي وچ ۾ زمين تڪرار کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سندن لاڳاپيل ٽيمن وچ ۾ جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ۾ ڪيو. وڏي وزير سان گڏ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، سيڪريٽري انرجي ابوبڪر، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حليم شيخ شامل هئا. جڏهن ته وفاقي وزير سان گڏ ٽيم جي ميمبرن ۾ سي اي او ريلوي فرخ تيمور، ايڊيشنل جي ايم ريلوي عامر بلوچ، سي اي او ريلوي نثار ميمڻ، ڊي ايس ڪاشف يوسفاڻي، پي ڊي ڪي سي آر عامر دائوپوٽو ۽ ڊي جي ايوي ايشن خاقان مرتضيٰ شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي ۽ ان ۾ ٽريفڪ جا مسئلا جديد ڪي سي آر سسٽم لڳائڻ سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، جنهن کي مختلف بي آر ٽي لائينن سان ڳنڍيو ويندو. تاريخ جو جائزو وٺندي مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر 1964ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1984ع تائين اهو هڪ ڪارآمد ماس ٽرانسپورٽيشن منصوبو رهيو. هن وڌيڪ چيو ته 1984ع کانپوءِ ان جي آپريشنل ڪارڪردگي ۾ مسلسل گهٽتائي آئي، جنهن سبب مسافرن جو انگ گهٽجي ويو ۽ انکانپوءِ ڊسمبر 1999ع ۾ ان کي بند ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي منصوبو سي پيڪ جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل هو ۽ ڊسمبر 2016ع ۾ سي پيڪ جي جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ان جي منظوري ڏني هئي. هن چيو ته ايڪنڪ 207546 ملين رپين جي لاڳت سان منصوبي جي منظوري ڏني هئي، جنهن ۾ 1 ڏهائي 971 ارب رپين جو چين جو قرض پڻ شامل آهي. هن نيشنل ريلوي اٿارٽي کي ٻڌايو ته چين نومبر 2017ع ۾ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني هئي. مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي سمورن لاڳاپيل فورمن وٽان منظوري ڏني وئي آهي پر ڪم ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. ريلوي واري وزير سعد رفيق چيو آهي ته وزيراعظم جو چين جو دورو رٿيل آهي، جتي هو ساڻس گڏ هوندو ۽ ڪي سي آر ايجنڊا ۾ شامل آهي، اميد آهي ته ان جي منظوري ڏني ويندي. پروجيڪٽ تي 43 ڏهائي 225 ڪلوميٽر معياري گيج ڊبل ڪيريج ٽريڪ اربن ريل ماس ٽرانزٽ سسٽم جي تعمير ٿيندي، جنهن کي ٽن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. گريڊ سيڪشن جي ڪل ڊيگهه 17 ڏهائي 935 ڪلوميٽر ۽ ايليويٽ 24 ڏهائي 21 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته انڊر پاس 1 ڏهائي08 ڪلوميٽر آهي. 30 اسٽيشنن مان 14 گريڊ جا ۽ 16 معياري درجي جا آهن. روزاني سواري جو ڪاٿو 457608 آهي، جنهن کي ڏهاڙو ڏهه لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هڪ ٽرين مسافرن کي کڻي وڃڻ جي گنجائش 814 مسافرن تائين آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جي سمورن ڪوئلي تي ٻڌل پاور پروجيڪٽن کي مقامي ٿر جي ڪوئلي مان ٻارڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته ان سان پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت نه ٿيندي پر امپورٽ ٿيل ڪوئلي کان سستو هوندو. هن ريلوي واري وزير تي زور ڀريو ته ٿر ڪول مائنز کان مين لائين تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ مختلف رستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ آخر ۾ ميرپورخاص کوکراپار سيڪشن تي 105 ڪلوميٽر ٿر ڪول فيلڊز کان نيو ٿر هالٽ اسٽيشن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميرپورخاص-نيو ڇور سيڪشن تي موجود سگنلنگ سسٽم کي بهتر بڻايو ويندو ۽ ميرپورخاص کان ڇور تائين سمورن ڪراسنگ اسٽيشنن تي 700 ميٽر ڊگھا ٻه يونيورسل لوپ لڳايا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير ناڻي واري وزارت ۽ پلاننگ ڪميشن مان هڪ هڪ ميمبر تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ (سنڌ جو وڏو وزير ۽ ريلوي واري وزير کان وٺي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ رٿابندي وارو وزير احسن اقبال)، هڪ ميمبر وزارت ريلوي، چيئرمين پي اينڊ ڊي سنڌ ۽ سيڪريٽري انرجي سنڌ شامل هوندا. ڪميٽي مالياتي ۽ ٽيڪنيڪل پاسن جو جائزو وٺي منظوري لاءِ سفارش ڪندي ۽ هڪ مهيني اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ته جيئن منصوبي تي ڪم شروع ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پراجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪجهه عالمي ڪمپنين دلچسپي ڏيکاري آهي پر اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرنيشنل ٽينڊرز جاري ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير هڪ اجلاس ۾ ٽن ايئرپورٽن حيدرآباد، سيوهڻ ۽ ٿر جي مائي بختاور ايئرپورٽ کي هلائڻ جو معاملو اٿاريو، جنهن تي ريلوي ۽ هوابازي واري وزير چيو ته سندس ٽيم کيس حيدرآباد ايئرپورٽ تي حددخلين بابت آگاهي ڏني آهي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ايوي ايشن، ايئرپورٽ کي هلائڻ تي راضي ٿئي ته مسئلو حل ڪنداسين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيدرآباد ايئرپورٽ کي آپريشنل بڻائڻ جي طريقن ۽ سندس اسٽڊي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم اماڻي ويندي ۽ سيوهڻ ۽ ٿر ايئرپورٽن لاءِ پڻ ساڳيو ئي جائزو ورتو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ايئرپورٽ سڀ کان اهم آهي ڇاڪاڻ ته اتي ڪريڪٽر فلائيٽ لينڊ ڪنديون آهن، تنهنڪري ان جو هلڻ ڪمرشل اهميت رکي ٿو. سنڌ حڪومت-سول ايوي ايشن جي زمين جي مسئلي تي سنڌ جي وڏي وزير وفاقي وزير کي ٻڌايو ته ايئرپورٽ ڀرسان 80 ايڪڙ سرڪاري زمين جي دعويٰ سول ايوي ايشن ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت کي ان مان فائدو کڻڻو پوندو، پنهنجي ريڊ لائين بي آر ٽي لاءِ ڊپو قائم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، ميمبر سروي آف پاڪستان ۽ بورڊ آف روينيو جي هڪ سينيئر ميمبر ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي هڪ ميمبر تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا معاملي جي انڪوائري ڪندي هڪ مهيني اندر پنهنجي سفارش موڪليندي. سنڌ جي وڏي وزير وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جا ٿورا مڃيا ته سندس وزارتن سان لاڳاپيل سمورا مسئلا حل ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button