سنڌ

کنڀي گم ڪيل سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ارسلان خان آزاد

رينجرز سوشل ميڊيا ايڪٽويسٽ ارسلان خان جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.رينجرز ترجمان موجب ارسلان کي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ تي تنبيهه ڪري آزاد ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته محمد ارسلان کي هڪ دهشتگرد گروپ سان رابطن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو هو، جاچ دوران جوابدار جي دهشتگرد گروپ کان مبينا مالي مدد وٺڻ جو انڪشاف ٿيو.رينجرز ترجمان موجب ڪلفٽن ۾ ڪارروائي انٽيلجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته ارسلان خان کي صبح 4 وڳي سندس رهائشگاهه تان اغوا ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button