اسلام آبادپاڪستان

عمران نيب ترميمن کي چئلينج ڪري ڇڏيو،سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل

اسلام آباد :تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف حڪومت طرفان ڪيل نين نيب ترميمن کي چئلينج ڪري ڇڏيو. نيب ترميمن خلاف درخواست تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان داخل ڪئي وئي. وڪيل خواجا حارث نيب ترميمن خلاف آرٽيڪل 184/3 جي درخواست تيار ڪئي، جنهن ۾ وفاق ۽ نيب کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته نيب قانون جي سيڪشن 5، 4،2، 25، 6، 26 ۾ ڪيل ترميمون آئين جي ابتڙ آهن. درخواست ۾ عمران خان استدعا ڪئي ته سيڪشن 15 ،14، 21، 23 ۾ ترميمون به آئين جي ابتڙ آهن.، نيب قانون ۾ اهي ترميمون آئين جي آرٽيڪل 9، 14، 25، 24، 19A جي بنيادي حقن جي ابتڙ آهن، نيب قانون ۾ ڪيل انهن سمورين ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button