اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي هڪ ڄڻُو فوت،435 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ٽي سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. صحت جي قومي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل چويهه ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي ۽ روزاني وارا ڪيسز 400 کان وڌي ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جون 13 هزار 644 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 435 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شرح 3 ڏهائي 19 سيڪڙو رهي. جڏهن ته ان دوران ڪرونا وگهي هڪ ڄڻو فوت به ٿي ويو. قومي اداري موجب ڪرونا ۾ مبتلا 87 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button