اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

اسٽيٽ بئنڪ وياج خلاف شرعي بئنڪ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:اسٽيٽ بئنڪ وياج خلاف وفاقي شرعي بئنڪ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو. فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست ۾ ناڻي واري وزارت، قانون واري وزارت ۽ چيئرمين بئنڪنگ ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو. اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين خانگي بئنڪن طرفان وڪيل اڪرم راجا جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي شرعي عدالت سپريم ڪورٽ جي ريمانڊ آرڊر جي حڪمن کي نظر ۾ نه رکيو ۽ سيونگ سرٽيفڪيٽس جي رولز کي اسلام خلاف قرار ڏيندي رولز ۾ ترميم جو حڪم ڏنو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف درخواست کي منظور ڪندي ڪيل فيصلن جي نقطن جي بنياد تي ترميم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button