سنڌ

متحده وفد جي وزيراعظم سان ملاقات،پ پ جون شڪايتون

متحده قومي موومينٽ پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف تي زور ڀريو آهي ته گورنر سنڌ جي مقرري جلد ڪئي وڃي.ڪراچي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم وزيراعظم آڏو پيپلزپارٽي سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد ۾ سستي جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته هيل تائين معاملا حل طلب آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ هو ته ضمانتن باوجود مڪاني قانون ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ترميم ناهي ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم وزيراعظم شهباز شريف تي گورنر سنڌ جي جلد مقرري تي زور ڏنو، وزيراعظم ايم ڪيو ايم کي خاطري ڪرائي ته صوبي جو گورنر اربن سنڌ مان ئي هوندو. ذريعن موجب وزيراعظم مسلم ليگ ن سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد لاءِ 6 رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي ۽ ايم ڪيو ايم کي معاهدن تي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button