اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جو معاشي مستقبل سي پيڪ سان آهي،امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد/ڪراچي:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي مستقبل پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي ڪاميابي سان واڳيل آهي. هن منصوبي ۾ گوادر بندرگاهه کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ نيوي جو ڪردار انتهائي اهم آهي.
ڪالهه ڪراچي ۾ نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ عورت ڪيڊٽس جي شموليت ڏسي خوشي ٿي، عورت ڪيڊٽس پاڪستان جي ٻين عورتن لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته پيشيوراڻا معاملا بهتر انجام ڏيڻ پاڪستان نيوي جي روايت رهي آهي، نيول اڪيڊمي دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي به بهترين تربيت فراهم ڪري رهي آهي. دوست ملڪن لاءِ هي ڪيڊٽس پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ميري ٽائم بارڊرز جي حفاظت ۾ پاڪستان نيوي جو اهم ڪردار آهي. ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ تي قوم کي هٿياربند فوج تي فخر آهي. شهباز شريف چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا پر پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ٻئي طرف جاري بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف اميرن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس جي اعلان جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ تي ٻه رستا هئا. پهريون رستو هو اليڪشن ڪرايون ۽ معيشت کي ڀورا ڀورا ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيون. جڏهن ته ٻيو رستو اهو هو ته پهريان اقتصادي چيلينجز کي منهن ڏجي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ کان بچائڻ جي چونڊ ڪئي ۽ پاڪستان کي پهريان سامهون رکيو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته هي پهرين بجيٽ آهي جنهن ۾ معيشت جي بحالي جو منصوبو آهي. سخت فيصلا ملڪ کي معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائيندا. حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ پگهار کڻندڙن تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت اهو فيصلو غربت جي خاتمي جي مقصد سان ڪيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سرندي واري طبقي کي چيو آهي ته هو بار ورهائي قومي فرض پورو ڪن، سڌي ريت ٽيڪس مان حاصل رقم مالي ڏکيائين کان متاثر ماڻهن تي خرچ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button