سنڌ

چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ ذريعي فيصلو ٿيڻ گهرجي:مولانا راشد محمود

ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو ته اسين ڪنهن به قيمت تي ووٽ جي تقدس لاءِ پنهنجي ووٽ توڙي مينڊيٽ کي چوري ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ جتي ڪٿي به وڃڻو پيو ته اسان وينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به پوليس جي سرپرستي ۾ ڪو جي يو آءِ ڪارڪن فائرنگ ۾ زخمي ٿيو آهي ته انهن کي حساب ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ اسان چوڙيون ناهن پاتيون، اسان به سنڌ جا پرامن شهري آهيون ۽ سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مڪاني چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ جي ذريعي فيصلو ٿيڻ گهرجي نه ڪي ڌانڌلي ذريعي فيصلو ٿئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي 17 سالن کان سنڌ ۾ خدمت ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن ڌانڌلي جي ذريعي چونڊون کٽڻ چاهي ٿي ته پيپلزپارٽي کي پنهنجي حڪمراني تي سوچڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو ووٽ جنهن پولنگ اسٽيشن تي هيو اهو اتان غائب ڪيو ويو جيڪو نه ۽ وڏي مشڪل سان منهنجو ووٽ ٻئي پولنگ تان مليو آهي، جيڪڏهن 60 هزار ووٽ کڻندڙ جو ووٽ غائب ڪيو ٿو وڃي ته عام اميدوار يا ماڻهو سان ڇا ٿيندو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button