سنڌ

مدئجي ٽائون چونڊ دوران ڇڪتاڻ، جهيڙي ۾ 3 زخمي

مدئجي ٽائون ڪاميٽي جي پنجن ئي وارڊن تي پ پ اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اليڪشن دوران ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 5 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ منهن ماري دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ جي ڊي اي اميدوار راشد جوڻيجو ٻن ڀائرن باغي اظهر جوڻيجو ۽ سعيد جوڻيجو سميت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پولنگ جو عمل بند ڪرائي وڌيڪ پوليس نفري گهرائي وئي، جنهن بعد ايس ايس پي عرفان سمون سوين پوليس اهلڪار ساڻ ڪري جهيڙي واري هنڌ پهتو جنهن بعد زخمي ٿيل جي ڊي اي اميدوار ۽ سندس ڀائرن کي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو ويو جتان زخمي اظهر جوڻيجو کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو. اطلاع تي جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر واقعي واري هنڌ پهتو ۽ زخمي اميدوار جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم اين اي غوث بخش مهر چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ ڪماريا برادري جي حمايتي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري اسان جي اميدوار راشد جوڻيجو کي ٻن ڀائرن اظهر جوڻيجو ۽ سعيد جوڻيجو سميت زخمي ڪيو آهي جهيڙي بابت انتظاميا سان ڳالهايو آهي، اليڪشن کي پر امن رهڻ ڏنو وڃي ها ته بهتر هو، اسان جا ڪارڪن ڊڄڻ وارا ناهن نه ئي ڪنهن جي آڏو جهڪندا. اهڙي واقعي بعد پ پ اڳواڻ نجف علي ڪماريو پريس ڪانفرنس ڪندي جي ڊي اي پاران لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيوته مان پنهنجي ساٿين سان گڏ پولنگ اسٽيشن تي ويٺل هيس ته اطلاع مليو ته ڪجهه ماڻهن وارڊ نمبر 5 جي پولنگ تي منهنجي ڀا پيار علي ڪماريو سان وڙهيا آهن جنهن بعد اسان پهتاسين ته اسان جي پهچڻ کان اڳ ايم اين اي غوث بخش مهر جهيڙي واري هنڌ پهتل هو، جنهن سان ڳالهائي جهيڙو ختم ڪرايوسين، بعد ۾ جوڻيجا برادري جي ماڻهن گارگند ڪئي ته اسان جا ڪارڪن به مڇرجي پيا. هن چيو ته جهيڙي تي وري به اسان ضابطو آندو آهي، باقي خبر ناهي ته ايم اين اي غوث بخش مهر هتي ڪيئن پهتو ۽ جهيڙو ڪيئن ٿيو سموري مامري جي جاچ ڪرائينداسين. هوڏانهن ايس ايس پي عرفان سمون چيوته اطلاع تي پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو آهي، ووٽنگ جو بند پيل عمل ٻيهر شروع ڪرايو آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button