سنڌ

مدئجي ٽائون ڪميٽي تي پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

مڪاني چونڊن ۾ ٽائون ڪاميٽي مدئجي تي پ پ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٽائون جي پنجن ئي وارڊن تي پ پ اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. شهر جي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار ايڊووڪيٽ سيد در محمد شاهه 750 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار منير گهمرو 47 ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ اظهار شاهه 37 ووٽ کڻي سگهيا. وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار نجف علي ڪماريو 294 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار راشد جوڻيجو 53 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار شمن علي ميراڻي 388 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پي ٽي آئي اميدوار شاهد شاهه 26 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار امتياز شاهه ڪاظمي 354 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي ڊي اي اميدوار عبدالحميد منگي 52 ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ مظفر جوڻيجو 50 ووٽ کڻي سگهيا. وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار ارباب علي شيخ 334 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار غلام شبير شيخ 167 ووٽ کڻي سگهيو. پ پ اميدوارن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ هزارين شهرين توڙي پ پ ڪارڪنن پ پ اڳواڻ نجف علي ڪماريو جي اڳواڻي ۾ ڪماريا هائوس کان دهل ۽ شرنائين سان ريلي ڪڍي. ريلي مختلف رستن اسٽيشن روڊ مين بس اسٽينڊ تان گذرڻ بعد پريس ڪلب مدئجي پهتي جتي دهلن ۽ شرنائين تي رقص ڪري جهمريون هنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button