سنڌ

نئون ديرو ۾ نوجوان کي فوتي ڄاڻائي ووٽ وٺڻ بنا واپس موٽايو ويو

نئون ديرو ۾ ووٽر لسٽن مان شھرين جا نالا گم هجڻ ڪري ڪيترائي ووٽر ووٽ ڏيڻ واري قومي فرض کان رهجي ويا. ڪيترائي ووٽر مرد توڙي عورت ووٽر پولنگ اسٽيشنن تي پھتا ته ووٽر لسٽن ۾ سندس نالا موجود نه هئا. پ پ نئون ديرو جي صدر سيد ارشد راشدي چيو ته اليڪشن ڪميشن جون وڏيون غلطيون ھيون، ھڪ ته نالا ووٽر لسٽن ۾ موجود ئي نه ھئا، 8300 تي مئسيج ڪيا ويا ته اتي به غلطيون هيون، جنھن ڪري ڪيترائي شھري ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيا. ٻئي طرف نئون ديرو ويجهو ڳوٺ سانول جروار واسي خالد جروار کي اليڪشن ڪميشن فوتي ڄاڻائي ڇڏيو، جڏهن هو ووٽ ڏيڻ پولنگ اسٽيشن تي پهتو ته کائنس ووٽ وٺڻ بنا واپس موٽايو ويو. خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ جو اليڪشن ڪميشن فوري نوٽيس وٺندي نوجوان خالد جروار سان رابطو ڪرڻ بعد کيس يونين ڪائونسل پير بخش ڀٽو جي ڳوٺ خانواهه ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي موڪلي ووٽ ڪاسٽ ڪرايو. اهڙو اطلاع اليڪشن ڪميشن لاڙڪاڻي جي آفيسر ڪاشف سومرو پاران نئون ديرو جي صحافين سان رابطو ڪرڻ بعد ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ته ڳوٺ سانول جروار جي رهواسي خالد جروار کي پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشن خانواهه ڳوٺ تي موڪلي ووٽ ڪاسٽ ڪرايو آهي. ٻئي طرف ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 ٽائون هال ۾ ميل پولنگ تي 10-10 روپين جا نوٽ مليا، ووٽن جي ڳڻپ دوران پئسن ملڻ جو اهڙو نئون واقعو پيش آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button