سنڌ

نئون ديرو کي پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

نئون ديرو جي ستن ئي وارڊن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي. ان سلسلي ۾ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار حاجي عبدالخالق ڀٽو 1200 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، عوامي تحريڪ جو امان الله ڀٽو 141 ووٽ کڻي سگھيو. وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار ڪاشان قاضي 1178 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پ پ شھيد ڀٽو جو سليم چنا 298 ووٽ کڻي ھارائي ويو. وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار عارف علي سومرو 700 ووٽ کنيا، جڏهن ته شھيد ڀٽو جو سرتاج شيخ 90 ووٽ کڻي ھارائي ويو. وارڊ 7 تي پ پ اميدوار محمد انور ٻرڙو 976 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته آزاد اميدوار اسحاق ڪوريجو 102 ووٽ کڻي ھارائي ويو. وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار نبي بخش کوکر 844 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آئي جو منظور ڀٽو 82 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ جي اميدوار ظھير ميراڻي 1184 ووٽ کنيا، جڏھن ته پ پ شھيد ڀٽو جو غلام حيدر ناريجو 784 ووٽ کڻي سگهيو. جڏھن وارڊ نمبر ڇهين تي ڪاشف اعظم بنا مقابلي اڳ ئي ڪامياب ماڻي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button