سنڌ

ٺل ۾ چونڊن دوران ڌانڌلي ۽ جي يو آئي اڳواڻ تي حملي خلاف احتجاج

ٺل ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي مٿان قاتلاڻي حملي جي خلاف جي يو آئي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن ڊاڪٽر اي جي انصاري، شفيع محمد کوسو، مولانا تاج محمد ڀٽي، عبدالرزاق بنگلاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٺل ميونسپل ڪاميٽي ۽ مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، سرڪاري مشينري کي استعمال ڪيو ويو. لوگي ۾ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري مٿان حملو ڪيو ويو آهي, هنن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي ٿيل ڌانڌلي ۽ جهيڙن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button