سنڌ

سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻينداسين:بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي جا جهنڊا کوڙينداسين. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ چونديل سمورن جيالن اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ جيالن اميدوارن جي ڪاميابي عوام جو تير تي اعتماد آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام جيالن اميدوارن کي ووٽ ڏئي اصل ۾ پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي تي ٺپو هنيو آهي پرڏيهي وزير چيو ته مڪاني چوندن ۾ ٿيندڙ وڏي ڪاميابي سان ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي جو چٽو امڪان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پهرئين مرحلي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي شروعاتي قدم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button