سنڌ

جيالا مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لا به تيار ٿين:آصف زرداري

اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي تاريخي ڪاميابي تي عوام جو شڪريو ادا ڪيو آهي. سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جيالن جي سوڀ عوام جي سوڀ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مڪاني چونڊن ۾ تاريخي سوڀ عوام جو اعتماد آهي، اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۽ کين ڪامياب ڪرائيندڙ جيالن کي مبارڪون ڏيان ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي محنت ۽ عزم جو هي تسلسل ملڪ ۾ عوام جي فيصلائتي فتح سٺي خبر ثابت ٿيندي. هن چيو ته جيالا مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ به تيار ٿين، فتح اوهان جي منتظر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button