سنڌ

متحده آئي بي اي ذريعي ڀرتين کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم پاڪستان آئي بي اي سکر جي ذريعي ڀرتين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، عدالت 9 آگست لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي منع نامي جي اپيل رد ڪري ڇڏي. اڱاري تي شنوائي دوران درخواست گذار ايم ڪيو ايم سينيٽر خالده طيب موقف اختيار ڪيو ته آئي بي اي سکر جي مدد سان ٽيسٽ نٿي وٺي سگهجي، ڀرتين جي عمل کي ترت روڪيو وڃي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آئي بي اي سکر جي آفيسرن سيبا جي نالي سان پنهنجي هڪ خانگي ٽيسٽنگ ڪمپني ٺاهي ڇڏي آهي، اڄ نوڪري جي انٽرويو لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ آهي، خالده طيب جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته درخواست گذار سميت متحده جا چونديل ميمبر ان تي متفق آهن ته ڀرتين جي عمل ۾ بيقاعدگيون ٿي رهيون آهن. عدالت رمارڪس ڏنا ته ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي متفق ٿيڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو، اسان کي هتي قانون مطابق ڪم ڪرڻو آهي ۽ موڪلن ۾ ڪائي جلدي نظر نه پئي اچي. جسٽس امجد سهتو چيو ته اوهان هڪ معتبر اداري تي الزام هڻي رهيا آهيو، اسان جڏهن جڊيشل آفيسرن جي ٽيسٽ لاءِ آئي بي اي سکر سان رابطو ڪيو ته هن معذرت ڪري ورتي. ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي چيو ته مان دستاويز ڏيکاري سگهان ٿو ته پاڪستان حڪومت آئي بي اي سکر لاءِ ناڪاري رپورٽون ڪيون آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سمورا معاملا آگسٽ ۾ شنوائي جي موقعي تي ڏسنداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست جي شنوائي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button