اسلام آبادپاڪستان

ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب رپين تائين پهچي وئي

اسلام آباد :ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب رپين تائين پهچي وئي آهي. ايف بي آر موجب گذريل هفتي تائين ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙي 5 هزار 829 ارب تائين هئي. ايف بي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙيون گڏ ٿيون. سال 2021-22 لا مقرر شروعاتي هدف 5 هزار 829 ارب رپيا گذريل هفتي حاصل ڪيو هو. ايف بي آر ترجمان موجب هلندڙ مالي سال انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 2 هزار 205 ارب گڏ ڪيا ويا آهن. سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 2 هزار 773 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 1007 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ايف بي آر 30 جون 2022 تائين 6100 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙين واري هدف لاءِ پرعزم آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button