سنڌ

گهوٽڪي واسي نينگر نئون ديرو پوليس کي هٿ،

لاڙڪاڻي ۾ لاوارث حالت ۾ هٿ آيل گهوٽڪي واسي نينگر جي وارثن جي ڳولا لاءِ خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه انور کوکر نينگر کي ساڻ ڪري پريس ڪلب پهتو. هن ڳالهائيندي چيو ته گذريل آچر جي رات نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي 10 ورهين جو نينگر لاوارث حالت ۾ هٿ آيو هو، وارثن جي ڳولا لاءِ پوليس نينگر اسان جي اداري حوالي ڪيو، هٿ آيل نينگر پنهنجو نالو جاويد ۽ والد جو نالو عبدالڪريم سبزوئي ٻڌائي رهيو آهي، جيڪو گهوٽڪي جي گهنيا پل واري علائقي جو رهواسي آهي، سندس پيءُ گهوٽڪي شهر ۾ هڪ هوٽل تي ماني پچائڻ جو پورهيو ڪندو آهي، اسان وارثن جي ڳولا ڪئي آهي، پر انهن سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ ميڊيا نينگر جي وارثن جي ڳولا ۾ مدد ڪري. ان موقعي تي هٿ آيل نينگر جاويد سبزوئي ٻڌايو ته مان پنهنجي علائقي ۾ مين روڊ تي گذرندڙ مسافر بس تي سوار ٿيس، جنهن مونکي نئون ديرو شهر ۾ لاٿو، جتي مان پوليس کي هٿ آيس. هن ٻڌايو ته مونکي 5 ڀائر ۽ 4 ڀينرون آهن، جن ۾ ڀائرن جا نالا سليم، قمرالدين، امداد ۽ شوڪت علي سبزوئي آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button