سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نصيرآباد واسي پيرسن جو بااثر مائٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ نصيرآباد جي ڳوٺ خيرو خان جتوئي واسي پيرسن پورهيت معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت ستار جتوئي دانهيندي الزام لڳايو ته ديھه ميرواهه ۾ منهنجي 3 جريب زرعي زمين تي 3 سال اڳ بااثر سئوٽن مرتضيٰ جتوئي، اڪبر جتوئي، منور جتوئي تي قبضو ڪري وڪرو ڪري ڇڏي آهي، اهڙي شڪايت پوليس عملدارن چڱن مڙسن کي ڏني پر ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته 10 ڏينهن اڳ بااثر سئوٽن جو پاڻ ۾ مسئلو ٿي پيو هو، جنهن ۾ مرتضيٰ جتوئي وارن وڳڻ ٿاڻي تي مون تي بيگناهه ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڪيس ۾ مان ضمانت ورتي آهي، هن وقت به بااثر سئوٽ خاموش رهڻ لاءِ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button