سنڌ

باقراڻي ۾ پورهيتن جو بٺي مالڪن خلاف احتجاجي مظاهرو

باقراڻي جي ڳوٺ مجاور لاشاري واسي پورهيتن بٺي مالڪن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت صفت علي شيخ، اسد شيخ، مجاهد ۽ ٻين الزام لڳايو ته اسان خاندان جا 14 فرد عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٺڪراٺو جي بٺي مالڪن حضرت گل پٺاڻ، جمال الدين پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي مزدوري لاءِ وياسين، جتي ٽن ورهين تائين اسان کان جبري پورهيو ڪرائي اجرت جا پئسا هڙپ ڪيا ويا، اسان کي روزمره جي خرچ لاءِ ڪجهه پئسا ڏنا ويندا هئا، اسان کي چيو ويو ته اوهان جا پئسا گڏ ٿي رهيا آهن بعد ۾ ڏنا ويندا، اسان انڪار ڪيو ته اسان کي حراسان ڪيو ويو جتان ڀڄي نڪتاسين، بعد ۾ بٺي مالڪن اسان خلاف پوليس ۾ من گهڙت درخواستون ڏئي حراسان ڪيو. هن وقت ڊي آ جي لاڙڪاڻي کي درخواست ڏني آهي، جنهن بعد پوليس گرفتاري لا ڳوٺ مجاور لاشاري تي ٻه ڀيرا چڙهائي ڪئي. هڪ ته جبري پورهيو ڪرائي اجرت هڙپ ڪئي وئي ٻيو وري پوليس معرفت حراسان ڪيو پيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button