سنڌ

پي ٽي آئي اڳواڻ عمران جي ڪيترن اسڪينڊلز جو دفاع ڪندا:شرجيل انعام

اطلاعات کاتي وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آئي اڳواڻ عمران خان جي ڪيترن اسڪينڊلز جو دفاع ڪندا، توشا خاني جي نئين اسڪينڊل کانپوءِ منهنجي گهڙي منهنجي مرضي واري ڳالهه ختم ٿي وئي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان توشا خاني مان خريد ڪرڻ کانسواءِ ئي قيمتي گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون. ڇا چوري جو سامان وڪرو ۽ مالڪ کي 20 سيڪڙو رقم ادا ڪرڻ وارا چور ناهن؟ صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي ڪير ٿيندي آهي، ماڻهن جي سوال جي حق کان انڪار ڪرڻ واري؟ اهو پڇڻ ماڻهن جو حق آهي ته گهڙيون توهان جون ته هيون ئي نه، ته پوءِ وڪرو ڇو ڪيون؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان کان اڳ به سوال هو ته قيمتي گهڙي تحفي ۾ ڏيڻ واري وٽ ڪيئن پهتي؟ عمران خان جي حرڪتن سان پي ٽي آئي جي اڳواڻن کانسواءِ پوري قوم شرمنده آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي جا اڳواڻ عمران خان جي اسڪينڊلز جو دفاع ڪندا رهيا ته پوري زندگي ڪجهه ٻيو ڪري نه سگهندا، عمران خان جي فسطائي ۽ اسپانسرڊ سياست جو دور ختم ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ ڪو ٻيو مناسب ڪم ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button