اسلام آبادپاڪستان

عمران حڪومت جي غلط فيصلن تي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

اسلام آباد:حڪومت توانائي بحران جو ذميوار عمران خان حڪومت کي قرار ڏيندي پيٽروليم شعبي ۾ غلط فيصلن تي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ شاهد خاقان عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، جيڪي بعد ۾ ثابت نه ٿيا، ڪيس بي بنياد الزامن تي ٻڌل آهن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي به عمران خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسٽ ريڪوري يونٽ دراصل عمران خان جو ايسٽ ميڪنگ يونٽ هو، عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ضمانت خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي، ان جو مطلب آهي، وزيراعظم تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. هن چيو ته آرٽيڪل 6 غير جانبدار مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي، قومي اسيمبلي کان پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ميڊيا رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي عهدي تان نه هٽايو ويو. شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان ۽ ان جي ڪابينا جي غلط فيصلن سبب ملڪ جو اربين روپين جو نقصان ٿيو، پيٽروليم سيڪٽر ۾ عمران حڪومت جي غلط فيصلن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي ويندي، ان سلسلي ۾ حقيقتن کي سامهون رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button