اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو نئون طوفان،تيل 18 رپين تائين وڌيڪ مهانگو

اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي. پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في لٽر تي واڌ ڪئي، جنهن کانپو نئون اگهه 248 رپيا 74 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پئسا واڌ ڪري 276 رپيا 54 پئسا في لٽر ڪيو ويو آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 68 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 226 رپيا 15 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ به 18 رپيا 83 پئسا واڌ ڪئي وئي ۽ نئين قيمت 230 رپيا 26 پئسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيٽروليم ليوي تي پيٽرول تي 10 رپيا في لٽر، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل تي 5 -5 رپيا في لٽر لاڳو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. ان کان اڳ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button