پاڪستانپنجاب

چونڊ جو بائيڪاٽ نه ڪبو،سپريم ڪورٽ وينداسين:پرويز الاهي

لاهور:پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وڏ وزارت جي اميدوار پرويز الاهي اليڪشن جي بائيڪاٽ جي ترديد ڪري ڇڏي. اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته وڏي وزير پنجاب جي چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته عدالت پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو آهي، ان جو اليڪشن سان ڪهڙو واسطو؟ هائوس پورو نه آهي، حج کان پوءِ اجلاس ٿيڻ گهرجي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته يارنهن ميمبر پرڏيهه ويل آهن، کين واپس اچڻ ۾ وقت لڳندو. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان وقت گهرنداسين. هن چيو ته اسان وڏي وزير جي چونڊ جو بائيڪاٽ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. اليڪشن جي بائيڪاٽ بابت هلندڙ بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته ايوان ۾ هن وقت مڪمل ناهي، پنج ميمبرن کي نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو، اهو ڪٿان جو انصاف آهي جنهن همراهه ايوان ۾ پوليس گهرائي اهو ڪرسي تي ويهاريو ويو. هن چيو ته هٿ ٻڌي، زبان بند ڪري چون ٿا ته چوندا آهن ته چونڊ کٽي ڏيکاريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button