سنڌ

جهنڊو مري ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ڇوڪري جي وارثن جو احتجاج

حيدرآباد: ٽنڊوالهيار جي شهر جهنڊو مري مان سال اڳ مبينا اغوا ٿي ويل شهلا خاصخيلي جي بازيابي لاءِ وارثن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڇوڪري جي پيءُ دلمراد عرف دلو خاصخيلي الزام هڻندي چيو ته سال اڳ سندن ئي برادري سان تعلق رکندڙ بااثر جوابدار سندس ڌي ءِ شهلا کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. جڏهن ته حد جي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڌي ءِ کي بازياب نه ڪرايو آهي. هن چيو ته سندس نياڻي ڪهڙي حال ۾ آهي کين ڪو به پتو نه آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته شهلا کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button