سنڌ

نوابشاهه ۾ بااثرن جو گهر تي حملو، 4 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

نوابشاهه ۾ بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ڳوٺ بنگل زرداري ۾ 20 کان مٿي هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي چئن پيرسن عورتن سميت 10 ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن گهر تي حملو ڪري زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف زخمي عورتن سميت نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي نور بانو، صحت خاتون، مسمات صاحبزادي، سلطان، مبارڪ زرداري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته رات جو 3 وڳي زوهيب زرداري، انور زرداري، جاويد زرداري، روشن زرداري، وسيم علي، لقمان علي، رضوان، باقر علي، سبحان علي، شڪيل زرداري ۽ ٻين زبردستي گهر ۾ داخل ٿئي اسان تي تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن پيرسن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻئي پاسي زرداري برداري جي معزز بچل زرداري نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات جو جوابدارن زوهيب زرداري، انور زرداري، جاويد زرداري، روشن زرداري، وسيم علي، لقمان علي، رضوان، باقر علي، سبحان علي، شڪيل زرداري ۽ ٻيا منھنجي ماڻھن جي گھر ۾ زبردستي گھڙي عورتن ۽ مردن تي سخت تشدد ڪيو، ٻنھي ڌرين جو ڪيترن ئي مھينن کان پلاٽ تان مسئلو ھلندڙ آھي پر پوليس منھنجي ماڻھن جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button