سنڌ

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

دوڙ تعلقي جي ڳوٺ علي بخش جمالي جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات صاحبان پنھنجي پٽ عارف جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس ننھن زرينه جمالي ۽ معصوم پوٽي محمد رمضان ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پٽ عارف جمالي جي نالي تي زمين آھي، جنھن تي منھنجو پٽ نادر جمالي قبضو ڪرڻ چاھي پيو ۽ پنھنجي ڀاءُ عارف جمالي کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته زمين تان ھٿ کڻ ٻي صورت ۾ توکي قتل ڪندس، جڏهن ته پندرھن ڏينھن اڳ سندس ڀاءُ نادر جمالي ماسات اڪرم جمالي سان ملي ڪري رات جو 3 وڳي گھر ۾ گھڙي پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي ڀاءُ عارف جمالي کي قتل ڪيو، جيڪو اسان غريبن سان ظلم آھي، ھنن چيو ته اسان پوليس وٽ شڪايت ڪئي پر پوليس ڪجھه نٿي ڪري ۽ ايس ايڇ او ٻانڌي وسيم مرزا اسان سان انصاف ڪرڻ بدران جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي. ھن مطالبو ڪيو ته نادر جمالي ۽ اڪرم جمالي خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button