سنڌ

بخشاپور ۾ گندگي خلاف شهرين جو ٽائون آفيس اڳيان احتجاج

بخشاپور شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فياض احمد ڊومڪي، محمد سليم، عبدالشڪور، طفيل احمد ڊومڪي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ٽائون آفيسر سميت سموري عملي جي نااهلي ڪري شهر جي هر گهٽي اڳيان گندگي جا ڍير ۽ گندو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل آهي جنهن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هنن چيو ته گندگي جي شڪايت کڻي ٽائون آفيس اچون ٿا ته موجود عملو صاحب ڪونهي جو جواز ڄاڻائي موٽائي ڇڏي ٿو. اهڙي شڪايت کڻي ڊي سي ڪشمور وٽ وياسين ان به شڪايت جو نوٽيس وٺڻ بدران ٺلها دلاسا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته لکين روپيا ٽائون بجيٽ هجڻ باوجود به عملو شهر جي صفائي نٿو ڪري. هنن وڏي وزير، نيب، اينٽي ڪرپشن، ڊي سي ڪشمور ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بخشاپور ٽائون ۾ صفائي ۽ گندگي جو نوٽيس وٺي شهر جي صفائي ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button