سنڌ

نصيرآباد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

نصيرآباد جي مختلف ڳوٺن ننگر جهتيال، پڙمل چانڊين جو ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين حميد مسڻ، روشن ڀٽي، قربان چانڊيو، شمن علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. آبادگارن چيو ته نصيرآباد تعلقي جي مختلف شاخن ۾ هن وقت تائين پاڻي ناهي پهتو، جنهن ڪري سارين جا ٻيجارو به پوکي ناهيون سگهيا ۽ تلاءُ سڪي ويا آھن، چوپايو مال اڃ مري رهيو آھي، تعلقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نصيرآباد تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button