سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن 15 سال اڳ قتل ٿي ويل پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پيرسن علي محمد ابڙو چيو ته 2007ع ۾ نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي خيرپور جي ڳوٺ ملان صالح جي رهواسي بااثر جوابدارن عبدالرزاق موجائي، سندس سئوٽ الھڏنو موجائي ۽ ٻين سڱاوتي معاملي تان بيدردي سان قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل آهي پر 15 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس ڳري رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button