سنڌ

ميرپورساڪرو ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپور ساڪري ۾ هاءِ وولٽيج لائين جا پول ڪرڻ سبب گذريل چئن ڏينهن کان بجلي بندش خلاف رئيس حسين ھديو، اقبال خاصخيلي، عبدالغني گبول جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري گريڊ اسٽيشن سامهون احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته گذريل چئن ڏينهن کان بجلي بند پيل آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي ناهي پيئڻ جي پاڻي لاءِ شھري ترسي رھيا آهن، ھنن چيو ته بجلي نه ھئڻ ڪري شھري پريشان آهن، ونڊ پاور جي بجلي ساڪرو مان وڃي رهي آهي پر ساڪرو کي نٿي ڏني وڃي. ھنن چيو ته 1 لک 32 هزار وولٽ جون تارون ڪرڻ سبب سامونڊي پٽي وارن شھرن ساڪرو، ڳاڙهو، ٻھارا، ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ جي بجلي بند آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button