سنڌ

ڳڙهي حسن جي مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳڙھي حسن ڊسٽري ڪٽا شاخ، شاهي ڪينال ۽ مانجهي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مانجهي پور ڪٽا شاخ، ڳڙهي حسن شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف جواد کوسو، منظور ڌوئو، مير حسن ڪنراڻي، اياز خان کوسو، غلام حسين سولنگي، عبدالنبي جمالي، جمعدار جان محمد جمالي ۽ ٻين سنڌ بلوچستان جو مين روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته لکين روپين جو ٻجارو سڙي ويو آهي، انتظاميا جي نااهلي سبب پاڻي جي ورڇ برابري جي بنياد تي نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته من پسند ماڻهن کي پاڻي ڏيئي اسان غريبن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو، شاهي ڪينال ۽ مانجهي شاخ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جو خدشو آهي. پاڻي نه هئڻ سبب جانور مري رهيا آهن. سنڌ جو وڏو وزير ۽ وسوارا نوٽيس وٺن ٻئي صورت ۾ تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button