سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل نوجوان عورت جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو جي رهواسي عورتن ڏيڍ مهينو اڳ لاپتا ٿيل نوجوان ناري جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت بيبي شاهده ٍشاهه پنهنجي ڀيڻ بيبي زاهده ٍشاهه بخاري ۽ ٻِين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 15 رمضان تي منهنجي 20 ورهين جي نوجوان نياڻي بيبي افشا شاهه گهران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي آهي، جنهن جي ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪرڻ سميت پکو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر اڃا تائين سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته لاپتا ٿيل نياڻي جو ذهني توازن ڪنهن حد تائين درست ناهي، جڏهن ته 6 سال اڳ ڌيءُ افشاشاهه جي شادي سيد ذوالفقار شاهه سان ڪرائي هئي، ڄاٽو منهنجي نياڻي تي بيگناهه تشدد ڪندو هو، جنهن سبب هن جو ذهني توازن خراب ٿي ويو آهي. جڏهن ته سال اڳ ڄاٽي ذوالفقار شاهه نياڻي افشا کي طلاق ڏني هئي، جنهن کانپوءِ نياڻي اسان وٽ رهندي هئي پر ڏيڍ مهينو اڳ ڌي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري اسان گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻي افشا جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button