سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جو بااثر کدڙي فقير جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي شهر جي الھ آباد پاڙي ۽ لهر ڪالوني جي رهواسي شاگردن بااثر کدڙي فقير جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شاگردن وزير بلوچ، علي ابڙو، نويد کهاوڙ، مير عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جا شاگرد آهيون. هنن الزام لڳايو ته لاڙڪاڻي واسي بااثر کدڙو فقير تنو مگسي گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي اسان کي بليڪ ميل ڪندي غلط صحبت لاءِ زور ڀري رهيو آهي، اهڙي شڪايت اسان پوليس کي ڏني آهي پر پوليس بااثر کدڙي فقير خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر کدڙي فقير تنو مگسي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button