سنڌ

راضيديرو ۾ گهرو اڻبڻت تان جهيڙو،چاچن هٿان ڀائٽيو قتل

راضيديرو جي شيخ پاڙي ۾ چاچن عبدالله ڪلهوڙو، امان الله ڪلهوڙو ۽ ڀائٽي امتياز ڪلهوڙو ۾ گھرو اڻبڻت تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سريو لڳڻ سبب امتياز علي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس پيءُ محمد مراد ڪلهوڙو ۽ ڀائر لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا، جتان کين نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن جو مڙهه واپس گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. واقعي بعد جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن مقتول جي پي محمد مراد ڪلهوڙي ٻڌايو ته اوچتو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهنڪري تمام گهڻو صدمو ٿيو آهي. سوچ ويچار کانپو قدم کڻندس. هوڏانهن جنازي نماز کانپو مقتول جو مڙهه قبرستان ڏاڏي باغ فقير ۾ دفنايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button