سنڌ

مدئجي ۽ ڀرپاسي واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو

مدئجي ۽ ڀرپاسي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جندو ديرو پل تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. مدئجي ويجهو وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ڳوٺاڻن جندوديرو پل مين سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري آبادگارن غازي جنيد احمد مڱريو، حافظ منصور ڀٽو، ممتاز ڀٽو، عبدالستار ابڙو، عاطف ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدارن وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڪئنال کي سڪائي ڇڏيو آھي، جنهن ڪري ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آھن، پاڻي نه هجڻ سبب اسان جو ساريالو ٻج به سڙي رهيو آهي، جنهن ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته جيستائين پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويندو اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن ڌرڻي دوران مدئجي پوليس اٽالن ايس ايڇ او طالب ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهرين کيس جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد اڳوڻي ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو پهچي ڳالهيون ڪرڻ بعد آبپاشي عملدارن سان ڳالهائي ٻن ڏينهن اندر پاڻي ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو. ان موقعي تي اڳوڻي ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو چيو ته مظاهرين جو جائز مسئلو آهي، سندن ساريالو ٻج سڙي رهيو آهي. آبپاشي عملدارن سان ڳالهايو آهي ٻن ڏينهن اندر پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته آبادگارن سان گڏجي احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button