سنڌ

بخشاپور ويجهو بي ايس فيڊر ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت

بخشاپور ويجهو بي ايس فيڊر گڊو ۾ 18 ورهين جو نوجوان عمران علي پٽ نصير سومرو وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا پنهنجي مدد پاڻ تحت شروع ڪري ڏني، اطلاع باوجود ضلعي عملدارن ڪي به جوڳا اپا نه ورتا ۽ نه ئي سرڪاري ٽوٻا واقعي واري هنڌ پهچي سگهيا، جنهن ڪري ٻڏل نوجوان جي وارثن ۽ مقامي ماڻهن کي تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. لڳاتار ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپو نوجوان عمران سومرو جو لاش هٿ ڪري ورتو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سڄي علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button