سنڌ

خانڳڙهه ۾ مهر سردارن ۾ سرچا لا ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

خانڳڙهه جي مهر سردارن محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر ۾ سرچا لاءِ مهرن سميت مختلف برادرين جي ماڻهن سندن بنگلن ٻاهران ڪالهه ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو ويو. جڏهن ته ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهو درگاهه احمد سائين ۽ مرحوم سردار غلام محمد خان مهر ۽ مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي مزارن تي ميڙ وٺي پهتا، جتي هنن حاضري ڀري ۽ دعا گهري، جنهن بعد احتجاج ڪندڙ احتجاجي ڪيمپ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي مير چاڪر خان بوزدار، علي ڏنو خان مهر، حاجي علي گل مهر، عمر خان مهر، گامڻ گبول، راڻا راحت، محمد خان سيال، ڪامريڊ مير مهر، استاد دين محمد ۽ ٻيا ڌرڻي واري هنڌ پهتا. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان مرحوم سردار غلام محمد خان مهر ۽ مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي مزارن تي حاضري ڀري آهي ۽ کين ميڙ منٿ ڪئي ته اوهان ئي کين نصيحت ڪيو ته ٻئي سردار پاڻ ۾ ٺاهه ڪن. هوڏانهن پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر وڊيو پيغام جاري ڪيو، جيڪو ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن کي ٻڌايو. سردار محمد بخش خان مهر لاهور مان وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته آئون برادري جو شڪرگذار آهيان جيڪي خانڳڙهه کي جوڙڻ آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button