سنڌ

5 جولاءِ ڪارو ڏينهن:پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن طرفان ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج

پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران 5 جولائي جمهوريت کي پهريون ڀيرو ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري ڪاري قانون خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ڪامريڊ شوڪت علي چانڊيو، عرفان گوپانگ، امجد علي ڦل، عادل چانڊيو، علي رضا گوپانگ، مشتاق احمد چانڊيو ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ، يوٿ، سپاف جي ڪارڪنن برسات جي تيز وسڪاري دوران بخاري هائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. سجاول ۾ پ پ اڳواڻ منظور رحيم پليجو، ارباب رميز ميمڻ، نجيب سانگي سرويچ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، راجا رميز زئور، عبدالله خان لغاري، حاجي محسن سنڌي، شاهه مير گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيالن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٿرڙي محبت ۾ پ پ جيالي نوجوان شاگرد علي سخا رباني منگي هٿ ۾ پمفليٽ کڻي شهر جو گشت ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو نوابشاهه ۾ پ پ اڳواڻن علي اڪبر جمالي، خان بهار ڀٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ آفيس کان ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي پاران ڪارو ڏينهن ملهائي پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، عمران حسن جتوئي، نظر محمد پٺاڻ، علي ڏنو گاڏهي، محمد جمن ٻگهيو، محمد پنهل لهر، عبدالرحمٰن موريو، منور مغيري، انعام ابڙو، سڪينه گاد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سميت جمهوريت پسند عوام 5 جولائي کي هميشا ڪاري ڏينهن طور ملهائيندي غير جمهوري قوتن کي واضح پيغام ڏيندا آهيون ته پاڪستان هڪ آئيني، جمهوري ۽ امن پسند ملڪ آهي، جڏهن ته اڄ به ضيا جهڙا ماڻهو ڪنهن ڪنهن شڪل ۾ موجود آهن، جيڪي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ عوام انهن ماڻهن اڳيان ڀت بڻجي بيٺا آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو هن ملڪ کي آئين ڏنو ۽ آصف علي زرداري 18 هين ترميم ڪري صوبن کي حق فراهم ڪرڻ جو آغاز ڪيو، جڏهن ته ضياءِ جهڙن ماڻهن کي آئين ۽ 18 هين ترميم اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button