سنڌ

ٺل جي رهواسي نوجوان موٽرسائيڪل سميت گم، اغوا جو شڪ

ٺل جي با پاس واري علائقي جو رهواسي نوجوان عطا حسين ڀٽي موٽرسائيڪل سميت مبينا گم ٿي ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان گذريل ڏينهن سکر کان ٺل اچي رهيو هو ته شڪارپور ويجهو رابطو ڪٽجي ويو. گم ٿيل نوجوان جي وارثن قربان ڀٽي ٻڌايو ته نوجوان دوڪان جو سامان وٺڻ لا ويل هو، جنهن جو رابطو شڪارپور تائين هو، جنهن بعد ڪٽجي ويو آهي. نوجوان سيلون تي ڪم ڪندڙ ۽ ٽن ٻارڙن جو پي آهي. وارثن موجب شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. گم ٿيل نوجوان جي وارثن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button