سنڌ

بخشاپور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ استاد قتل

بخشاپور ويجهو ڀنگوار برادري جي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ استاد قتل ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون. بخشاپور ٿاڻي جي حد شيخ واھي وٽ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل پراڻي سڱاوتي تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو، پراڻي تڪرار تان ڀنگوار برادري جي ھڪ ڌر جي ھٿياربندن موٽرسائيڪل سوار استاد نور محمد ڀنگوار مٿان ھٿيارن جا منهن کولي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري 50 ورھين جو استاد نور محمد پٽ ڀورل ڀنگوار ٿڏي تي قتل ٿي ويو. فائرنگ ۾ 2 عورتون گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيون. بخشاپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لا بخشاپور اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي ٿيل ٻن عورتن نوران خاتون ۽ شائستا خاتون کي زخمي حالت ۾ ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ننڍي منشي مولا بخش ڊومڪي ٻڌايو ته ڀنگوار برادري ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو، مقتول نوجوان ڳوٺ ڀورل ڀنگوار جو رھواسي آھي جيڪو پنهنجن ٻارڙن سان گڏ بڊاڻي شھر کان ڳوٺ واپس وڃي رهيو هو ته ڀنگوار برادري جي ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ ڪري موٽرسائيڪل سوار استاد نور محمد ڀنگوار ٿڏي تي مارجي ويو ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون. زخمي عورتن کي طبي امداد لا ڪشمور اسپتال ريفر ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي. مقتول نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button