سنڌ

ميان صاحب ويجهو ڳوٺاڻن جو روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميان صاحب ويجهو ڳوٺ محمد عظيم کوهارو جي رهواسين چار سال اڳ روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿيندڙ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل – همايون شريف روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميجر کوهارو، زبير کوهارو ،جاويد کوهارو، طارق کوهارو سميت ٻين چيو ته ٺيڪيدار ديدار مهر ٺل – همايون شريف روڊ کان اسان جي ڳوٺ محمد عظيم کوهارو ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ جنهن جو مفاصلو ڪل ٽي فرلانگ آهي سو به ٺيڪيدار مڪمل ڪم ڪرڻ بدران روڊ تي پٿر وڇائي گم ٿي ويو آهي جنهن سبب اسان کي اچ وڃ ۾ مشڪلات جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو، گاڏين جا ٽائر پئنڪچر ٿي وڃن ٿا، ٺيڪيدار چار سال ٿيا آهن روڊ تي پٿر وڇائي موٽيو ئي ناهي اسان کي خدشو آهي ته ٺيڪيدار روڊ جو ڪم ڪاغذي ڪارروائي ۾ مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين روڊ جو ڪم اڌ ۾ پيل آهي. هنن روڊس کاتي ضلعي شڪارپور جي عملدارن سميت ڊي سي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته روڊ جو ڪم مڪمل ڪرائي پريشاني مان نجات ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button