سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رسول آباد پاڙي جي رهواسي پورهيت نوجوان پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي سول اسپتال ۾ قائم الٽراسائونڊ شعبي جي عملي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان احسان بوزدار پنهنجي ننڊي ڀاءُ آصف بوزدار سان گڏجي دانهيندي چيو ته پيٽ ۾ اوچتو سور سبب مان سول اسپتال جي او پي ڊي مان ڊاڪٽر کان چيڪپ ڪرايو، جتي ڊاڪٽر پيٽ جي الٽراسائونڊ ڪرائڻ جو چيو، جنهن بعد الٽراسائونڊ شعبي مان الٽراسائونڊ ڪرائڻ ويس، جتي عملي مونکي 4 کان 5 ڪلاڪ انتظار ڪرايو، پر منهنجو الٽراسائونڊ نه ڪيو. هن الزام لڳايو چانڊڪا اسپتال جي مختلف اسپتالن اندر بنا رشوت توڙي سفارش جي ڪنهن جو علاج ناهي ڪيو ويندو ۽ نه ئي وري غريب ماڻهن کي دوائون ڏنيون وينديون آهن. هن پيپلز پارٽي چيئرمين، وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سول اسپتال ۾ الٽراسائونڊ عملي کان پڇاڻو ڪري منهنجو علاج ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button