سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ڌيئرن سميت پوليس ۽ بااثر عورت خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي گاهه پڙي جي رهواسين بااثرن ۽ علي گوهر آباد پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بيواهه زاهده زال مرحوم وقاص راجپوت ڌيئرن زهره ۽ سڪينه سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان لاڙڪاڻي گاهه پڙي واري علائقي جي رهواسي منظور ڀٽو جي جاءِ ۾ ڪرائي تي رهائش پذير آهيون. هن الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن ساڳئي جڳھ جي هيٺين حصي ۾ ڪرائي تي رهندڙ بااثر عورت عليزه اختر پاڻي نيڪال واري معمولي ڳالھه تان گهر ۾ گهڙي مون سميت منهنجي ڌيئرن مٿان ڏنڊن سان تشدد ڪيو. اهڙي واقعي جي اين سي علي گوهر آباد ٿاڻي تي بااثر عورت خلاف داخل ڪرائي، جتي اي ايس آءِ امتياز هڪڙو پوليس موبائيل جي تيل بهاني مونکان هڪ هزار روپيا رشوت ورتي، پر تنهن باوجود پوليس بااثر عورت خلاف ڪارروائي نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو اي ايس آءِ بااثر عورت کان ڳري رشوت ورتي آهي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کان پڇاڻو ڪري بااثر عورت عليزه اختر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button